حڪيم احمد حسين

حڪيم، احمد حسين: حڪيم احمد حسين ولد آغا سيد محمد زمان شاهه، 1917ع ڌاري لاهور ۾ جنم ورتو. سندس تعلق ‘ميران سرڪار’ جي گيلاني خاندان سان هو. هن جي خاندان جو مورث اعليٰ سيد عبدالله شاهه اصحابي هو، جنهن جي مزار ٺٽي ۾ مڪليءَ جي مقام تي واقع آهي. جڏهن ته حضرت سيد بادشاهه قادري'>حسن بادشاهه قادري گيلانيءَ جي مزار پشاور ۾ ۽ ان جي فرزند شاهه محمد غوث جي مزار لاهور ۾ آهي.
حڪيم احسن حسين آزادي جي تحريڪ ۾ سرگرم رهيو. هن لاهور مان ميٽرڪ ڪرڻ سان گڏ قرآن شريف حفظ ڪيائين. ان کانپوءِ طب جي تعليم حاصل ڪيائين، جنهن ۾ هن ’حاذق الحڪيم‘ جي سند حاصل ڪئي. 1940ع کان پوءِ هن مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ سٽي مسلم ليگ پشاور جو جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو ۽ ان عهدي تي ٽن سالن تائين فائز رهيو. پشاور واري گهر ۾ هڪ ريڊيو اسٽيشنريڊيو صداءِ پاڪستان‘ نالي سان قائم ڪيائين، جنهن ۾ مسلم ليگ جون خبرون ۽ ٻيا پروگرام نشر ڪندو رهيو. هن 23 مئي 1985ع تي وفات ڪئي.


لفظ حڪيم احمد حسينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو